ٿر ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، وڌيڪ 4 ڳوٺاڻا مرض ۾ وٺجي ويا، جنهن بعد هفتي دوران انگ 13 ٿي ويو آهي،
ڇاڇري جي ڳوٺ وائوڙي ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جتي ڳوٺاڻو ايسرو ميگهواڙ ۽ 2 ڀائر دلاور ۽ احسان مرض ۾ وڪوڙجي ويا آهن، جن کي ڇاڇرو جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي،
ڳوٺ ڪاڳيا ۾ ڊينگي ۾ مبتلا عرفان نهڙي کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،
ڊينگي جي مريضن ۾ واڌ باوجود ضلعي انتظاميا مڇر مار ڦوهارو ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، جنهن ڪري رهواسي سخت پريشان ٿي ويا آهن.
ٿر واسين مطالبو ڪيو آهي ته مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو، ننگرپارڪر سميت ٿر جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اسپري ڪري ماروئڙن کي ڊينگي کان بچايو وڃي.