سنڌ

January 16, 2022 4:15 pm

ٿر ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان اجلاس

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿر ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان اجلاس ٿي گذريو.

درٻار هال ۾ ڪوٺايل اجلاس دوران ضلعي انتظاميا پاران ٿر ۾ ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ، ناصر شاهه، سيد سردار شاهه، سيد عباس شاهه، اين اي ايز، ايم پي ايز، سينيٽرز ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه سان درٻار هال ۾ آبادگارن، مقامي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي ملاقات ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران اسڪيمن جو  معياري ڪم ڪري وقت تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه انتظاميا کي هدايت ڪندي چيو ته ٿر ۾ 111 اسڪيمن مان 56 اسڪيمون هن سال مڪمل ڪيون وينديون،

وڏو وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ هتي ان لاءِ آيس ته جيئن پاڻ اسڪيمن جو جائزو وٺان، هر ضلعي ۾ وڃي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺندس..

وڌيڪ پڙهو: