ٿر جي معصوم ٻارڙن تان موٽ ٽارو نه ڪيو، غذائي کوٽ جو شڪار وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو انگ 357 ٿي ويو آهي.
ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، مٺي جي سول اسپتال ۾ داخل وڌيڪ 6 ٻارڙن دم ڏئي ڇڏيو آهي.
اڄ 6 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد ٿر ۾ هلندڙ سال فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 357 ٿي ويو آهي.
سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاران ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ وارا واقعا روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان حفاظتي اپاءَ وٺڻ سان گڏ جاڳرتا پروگرام شروع ڪرڻ جو مطالبو .