ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇرو ۾ 16 ورهين جي نينگري کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو.
پوليس موجب مقتول ڇوڪري جي والد جي فرياد تي 2 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
پوليس سرجن ڊاڪٽر نياز موجب طبي معائني کانپوءِ ڇوڪري جا ڊي اين اي نمونا ورتا ويا، شروعاتي رپورٽ ۾ ثابت ٿيو آهي ته ڇوڪري سان زيادتي ڪئي وئي.
پوليس سرجن جو چوڻ آهي ته جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل ڇوڪري 4 مهينن جي حامله آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول ڇوڪري جا وارث برادري سطح تي معاملو حل ڪرڻ لاءِ خاموش هئا، واقعو 8 ڏينهن اڳ سامهون آيو هو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.