سپريم ڪورٽ ٿرپارڪر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ داخل آئيني درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪندي اوپن ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد ٿرپارڪر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ داخل آئيني درخواست تي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف اپيل تي پنهنجي چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ٿر ڊسٽرڪٽ بار جو صدر ۽ درخواستگذار وسند ٿري پيش ٿيو.
رجسٽرار آفيس اعتراض واريو هو ته گورنر کي درخواست ۾ پارٽي طور ڌر بڻايو ويو آهي، جيڪو آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي.
رجسٽرار آفيس اعتراضن ۾ وڌيڪ چيو ته ھائيڪورٽ سميت ماتحت عدالتن ۾ به درخواست داخل ٿي سگهجي ٿي، انهي باوجود سڌي ريت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڇو داخل ڪئي وئي آهي؟
چيف جسٽس رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪندي درخواست اوپن ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو…