پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته پ پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري استحصالي قوتن سان جنگ ڪري رھيو آهي ۽ ملڪ ۾ غريب ماڻھو 8 سالن کان مصيبت ۾ مبتلا آھن، جڏهن ته 8 سالن کان نوجوانن لاءِ نوڪريون پڻ بند ڪيون ويون آهن.
اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. ھن چيو ته اصل ڏوهه پيپلزپارٽي قيادت جو اھو آھي ته ھو نوجوانن کي مناسب روزگار جا موقعا فراھم ڪري ٿي ۽ بي روزگار عوام لاءِ روزگار جا وسيلا پڻ پيدا ڪري ٿي. ھن وڌيڪ چيو ته نااهل حڪومت مڊل ڪلاس کي به غريب ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪ ۾ تعليم يافته نوجوانن کي سندن صلاحيتن کان محروم ڪري کين لنگر جو رستو ڏيکاريو پيو وڃي.
شازيا مري چيو ته عوام کي بلاول ڀٽو زرداري جو ايندڙ چونڊن ۾ ساٿ ڏيڻ گھرجي ۽ هو عوام کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندو.