بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي پٽ جي ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ وڪيلن جي ٽيم سان تصوير سامهون آئي.
بمبئي هاءِ ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ آريان سميت ٽن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. آرين کي ضمانت ملڻ کانپوءِ ايندڙ هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ممبئي سينٽرل جيل مان آزاد ٿيڻ جو امڪان آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب آريان جي ضمانت منظور ٿيڻ بعد سندس وڪيلن جي ٽيم شاهه رخ خان سان ملاقات ڪئي.
ڀارتي ميڊيا طرفان ملاقات جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن ۽ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاهه رخ خان تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو آهي.
شاهه رخ خان جي وڪيلن جي ٽيم سان ملاقات جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) 2 آڪٽوبر تي ممبئي جي ساحل کان هڪ ڪروز ٻيڙي تي ڇاپو هنيو ۽ آريان خان ۽ ٻين کي منشيات جي الزام ۾ گرفتار ڪيو.
آريان خان ۽ ٻيا 8 آڪٽوبر کان هن ڪيس ۾ جيل ۾ آهن، پر اڄ ضمانت منظور ڪئي وئي.