پاڪستان

تازه خبرون

October 9, 2021 6:35 pm

پي ڊي ايم پاران ملڪ ۾ فوري طور شفاف چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ملڪ ۾ فوري طور شفاف چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ شهبازشريف سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي  مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ جو هر طبقو پريشان آهي، مودي کان وڌيڪ پاڪستان کي عمران خان نقصان  پهچايو آهي.

هن چيو ته  ملڪي ادارا تباهه ٿي چڪا آهن، پي ڊي ايم سنجيده آهي، 16 مارچ تي فيصل آباد ۽ 31 آڪٽوبر تي ڊيرا غازي خان ۾ حڪومت خلاف تاريخي جلسا ٿيندا.

پي ڊي ايم سربراهه چيو ته حڪومت پاران برطرف ڪيل 16 هزار  ملازمن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا، اسان برطرف ٿيل ملازمن سان گڏ آهيون.

هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ هاري، پورهيت سميت هر طبقو پريشان آهي، موجوده حڪومت عوام مٿان زبردستي مڙهي وئي آهي، حڪومت مان نجات هر ماڻهو جي آرزو آهي.

اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو ته هن وقت ملڪ ۾ هر طرف تباهي مچل آهي، پر حڪومت غفلت جي ننڊ ستل آهي، ملڪ ۾ ان کان اڳ اهڙا بدترين حالات ڪنهن به نه ڏٺا آهن، اٽي، کنڊ سميت کاڌ خوراڪ جي شين جون قيمتون آسمان تي پهتل آهن.

شهباز شريف چيو ته مهانگائي خلاف لانگ مارچ به هر صورت ۾ ڪرڻو پوندو.

وڌيڪ پڙهو: