پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ کي نسلا ٽاور کي ڊاهڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي،
خرم شير زمان چيو آهي ته نسلا ٽاور جي رهواسين وڏي ارمانن سان پنهنجو اجهو ٺاهيو آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪيون ته نسلا ٽاور نه ڊاهيو وڃي، ان وقت جي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊي جي ايس بي سي اي نسلا ٽاور ٺاهڻ جي اجازت ڏني،
عدالت نسلا ٽاور بدران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ان وقت جي ڊي خلاف ڪارروائي ڪري.
نسلا ٽاور جي رهواسين سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم شير زمان چيو ته نسلا ٽاور جي رهواسين وڏي ارمانن سان پنهنجو اجهو ٺاهيو آهي،
چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪيون ته نسلا ٽاور نه ڊاهيو وڃي.
خرم شير زمان چيو ته ان وقت جي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊي جي ايس بي سي اي نسلا ٽاور ٺاهڻ جي اجازت ڏني،
عدالت نسلا ٽاور بدران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ان وقت جي ڊي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ..