رانديون

January 11, 2022 1:07 pm

پي سي بي چار ملڪي سيريز ڪرائڻ لاءِ تيارآهي : رميز راجه

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجه چيو آهي ته پي سي بي چار ملڪي سيريز ڪرائڻ لاءِ تيارآهي،جنهن تي غور جاري آهي.

آسٽريلوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪواڊ ليٽرل سيريز ڪرائڻ تي غور ڪري رهيو آهي،جنهن سلسلي ۾ پي سي بي پلان جلد سامهون آڻيندي.

آسٽريلوي ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پي سي بي ڪواڊليٽرل سيريز ۾ پاڪستان،ڀارت، انگلينڊ ۽ آسٽريليا کي رکڻ جو پلان آهي.

رميز راجه جوچوڻ آهي ته چئني ملڪن پاڻ ۾ تاريخن جي حوالي سان سيريز ۾ شامل ٿيڻ تي غور شروع ڪيو آهي.

ميڊيا رپورٽ مطابق پاڪ ڀارت ٽاڪري بعد آسٽريليا ۽ انگلينڊ ايشز ڪرڪيٽ به تاريخ حيصيت رکي ٿي.

پي س بي چيئرمين رميز راجه چاهي ٿو ته مارچ ۾ پاڪستان جي دوري تي ٽِيم جا سمورا وڏا رانديگر شآمل هجن.

وڌيڪ پڙهو: