اهم خبرون

پاڪستان

June 23, 2022 5:21 pm

پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ڪري ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، مفتاح اسماعيل

ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته عمران حڪومت ۾ ملڪي تاريخ جا 4 وڏا خسارا مليا، اسان پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ڪري ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، معاشي بحران جلد حل ڪنداسين، رپئي جو ملهه وڌيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچنيج ۾ به بهتري آئي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته اصل خودمختياري تقريرن سان نه ايندي، جڏهن ٻين ملڪن کان قرض نه وٺنداسين ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ٿيندو، تڏهن ئي خودمختيار ٿينداسين.

هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اندر ملڪ ۾ گيهه سستو ٿي ويندو، جلد پاڪستان کي چين کان ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالر جاري ٿي ويندا،آءِ ايم ايف سان ٺاهه ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. ناڻي جي وزير چيو ته  هميشه غريبن تي ٽيڪس لڳندا هئا،هاڻ اميرن کان ٽيڪس وصول ڪنداسين. مفتاح اسماعيل چيو ته بجيٽ ۾ اميرن تي ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن،4 سالن ۾ عمران خان 80 سيڪڙو وڌيڪ قرض ورتو.

هن چيو ته  عمران خان چئي ٿو ته ماڻهن کي نيوٽرل نه هجڻ گهرجي،10 لک خاندان رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، غريبن کي کاڌي جو سستيون شيون ڏينداسين.

ناڻي جي وزير  چيو ته 60 لک خاندانن کي ريليف ڏينداسين،پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو  آسان نه هو،لنگر خانن ۾ سيلاني ٽرسٽ جو سامان هو، عمران خان ڪجهه به نه لڳايو.

وڌيڪ پڙهو: