پيٽروليم شين ۾ تازي اضافي کان پوءِ جاڙن شهرن ۾ مهانگائي جي نئين لهر اچي وئي آهي ۽ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي آهي.
گڊز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب پيٽروليم شين ۾ تازي اضافي سان راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي غله منڊي، فروٽ منڊي، سبزي منڊي، چڪن منڊي ۽ مڇي منڊي ۾ مهانگائي جو نئون سونامي اچي ويو آهي.
کير، ڏهي، گيهه، اتو، چانور، داليون، گوشت ۽ مرغي جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. اڳ ئي مهانگائي کان تنگ شهرين تازي مهانگائي کي آخري حد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
پيٽروليم شين ۾ اضافي سان گڏ گڊز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جاڙن شهرن ۾ ميٽرو بس کان علاوه ٽيڪسي، رڪشه ڪيب، سوزوڪي ۽ ويگن جي ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. جنهن سبب گهٽ آمدني وارا شهري سخت پريشاني جو شڪار آهن.