پاڪستان

November 5, 2021 1:51 pm

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف  مخالف ڌر جو سينيٽ ۾ احتجاج

پيٽروليم شين جي اگهه ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف  مخالف ڌر سينيٽ ۾ احتجاج ڪيو،سينيٽرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته مخالف ڌر جي سينيٽرز پاران معمول جي ڪارروائي معطل  ڪري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي بحث جو مطالبو ڪيو.

سينيٽ چيئرمين ڪارروائي ملتوي ڪري  بحث جي شروعات ڪئي، جنهن دوران مخالف ڌر جي ميمبرن سخت احتجاج ريڪارڊ ڪرايو، ان دوران سينيٽر شيري رحمان ڪورم جي نشاندهي ڪئي، جنهن بعد چيئرمين اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ايوان ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ  يوسف رضا گيلاني چيو ته وزير اعظم جي ريليف پيڪيج جي اعلان کان 48 ڪلاڪن بعد پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ ڪئي وئي.

مخالف ڌر جي سينيٽرز چيو ته جن ماڻهن کي معيشت جي اي بي سي جي خبر ناهي،اهي اسٽيٽ بينڪ ۾ ويٺا آهن.

هنن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي سونامي آيل آهي، قائد ايوان وسيم شهزاد چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ڇو آهي.

هن چيو ته  سموري دنيا مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهي، دنيا سو سيڪڙو تيل جي اگهه ۾ واڌ ڪئي،اسان رڳو 30 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي…

پيٽروليم شين جي اگهه ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف  مخالف ڌر سينيٽ ۾ احتجاج ڪيو،سينيٽرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته مخالف ڌر جي سينيٽرز پاران معمول جي ڪارروائي معطل  ڪري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي بحث جو مطالبو ڪيو.

سينيٽ چيئرمين ڪارروائي ملتوي ڪري  بحث جي شروعات ڪئي، جنهن دوران مخالف ڌر جي ميمبرن سخت احتجاج ريڪارڊ ڪرايو، ان دوران سينيٽر شيري رحمان ڪورم جي نشاندهي ڪئي، جنهن بعد چيئرمين اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ايوان ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ  يوسف رضا گيلاني چيو ته وزير اعظم جي ريليف پيڪيج جي اعلان کان 48 ڪلاڪن بعد پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ ڪئي وئي.

مخالف ڌر جي سينيٽرز چيو ته جن ماڻهن کي معيشت جي اي بي سي جي خبر ناهي،اهي اسٽيٽ بينڪ ۾ ويٺا آهن.

هنن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي سونامي آيل آهي، قائد ايوان وسيم شهزاد چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ڇو آهي.

هن چيو ته  سموري دنيا مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهي، دنيا سو سيڪڙو تيل جي اگهه ۾ واڌ ڪئي،اسان رڳو 30 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.,

وڌيڪ پڙهو: