پاڪستان

October 4, 2021 4:56 pm

پينڊورا پيپرز: لنڊن ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙن ۾ پاڪستاني پنجين نمبر تي

 پينڊورا پيپرز ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته لنڊن ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙن ۾ پاڪستاني پنجين نمبر تي آهن. رپورٽ موجب ڪيترن ئي ماڻهن ٽيڪس کان بچڻ جي لاءِ شيل ڪمپنيون ٺاهيون.

تفصيل موجب پينڊورا پيپرز جي دستاويزن جي تجزيي مان خبر پوي ٿي ته لنڊن ۾ آف شور ڪمپنين جي ذريعي ملڪيتون خريد ڪندڙن ۾ پاڪستاني پنجين نمبر تي آهن. ڪيترن ئي ماڻهن ان مقصد جي لاءِ شيل ڪمپنيون ٺاهيون آهن ته جيئن ٽيڪس کان بچي سگهجي. ان ۾ حيرت جي ڪابه ڳالهه ناهي ته برطانوي شهري  فهرست ۾ پهرين نمبر تي آهن. ان کان پوءِ نائجيرين، ڀارتي ۽ روسي آهن.

برطانيه جي دي آءِ سي آءِ جا پارٽنرز، دي گارڊين، بي بي سي ۽ فنانس انڪورڊ جي تجزئي موجب هڪ چوٿائي کان وڌيڪ فرمز برطانين جي ملڪيت آهن. ڳجهين فائلن 716 آف شور فرمز جي ذريعي خريد ڪيون ويون. 1542 برطانيه جي ملڪيتن جي 681 گذريل گمنام بينيفشل اونرز جو پتو لڳايو. ان ملڪيتن جي قيمت ساڍا پنج ارب ڊالرز کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي. پر جڏهن ڳالهه پاڪستانين جي  ٿئي ته هو ان ڪمپنين جي حوالي سان پنجين پوزيشن تي آهن جنهن کي هو ملڪيت جي خريداري لاءِ استعمال ڪندا هئا ۽ هو خريد ڪيل ملڪيتن جي حوالي سان ڇهين نمبر تي آهن. پنجاب جو سينئر وزير عبدالعليم خان، عارف مسعود نقوي، پٺتي پيل ايڪويني فرم جي باني، ليفٽيننٽ جنرل(ر) شفاعت الله شاهه جو خاندان، ليفٽيننٽ جنرل(ر) حبيب الله خشڪ جي ڌيءَ، طارق سعيد سهگل، سڪندر مصطفيٰ خان ۽ عامر اسحاق خان پاڪستان جي اهم ماڻهن ۾ شامل آهن جيڪي  برطانيه ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪمپنين جي سلسلي ۾ پنڊورا پيپرز ۾ سامهون آيا.

عليم خان پنهنجي گهر واري سان ملي لنڊن ۾ پراپرٽي خريد ڪئي. برٽش ورجن آئي لينڊ ۾ رجسٽرڊ هڪ ڪمپني بيڪسام انويسٽمينٽ اوورسيز لميٽيڊ جا مالڪ آهن. ڪمپني جي اونرشپ جي رڪارڊ ۾ 3 ملڪيتون ڏيکاريون ويون آهن. عارف مسعود نقوي، عمران خان جو هڪ ٻيو فنانسر جيڪو هن وقت برطانيه جي جيل ۾ آهي ۽ آمريڪا جي حوالي ڪرڻ جي انتظار ۾ آهي. هو 2 آف شور ڪمپنين بلونڊيل اسيٽس لميٽيڊ ۽ ويلوليا اسٽار لميٽيڊ جي ذريعي ڇهه ملڪيتون رکي ٿو. ليفٽيننٽ جنرل(ر) شفاعت الله شاهه سان تعلق رکندڙ هڪ ڪمپني طلحه لميٽيڊ لنڊن ۾ هڪ پراپرٽي جي مالڪ آهي. ليفٽيننٽ جنرل(ر) حبيب الله خٽڪ جي ڌيءَ شهناز 2 ملڪيتون خريد ڪيون. انهن مان هڪ شيڊي ٽري پراپرٽيز لميٽيڊ جي نالي تي ۽ ٻئي سائوٿ ويسٽ هولڊنگز لميٽيڊ جي نالي تي آهي.

پينڊورا پيپرز دستاويز ۾ هن چيو ته مون کي پنهنجي والد کان  ملڪيت ورثي ۾ ملي آهي. هڪ عورت سعيده اختر وٽ سڀني کان وڌيڪ ملڪيتون آهن جنهن جي ملڪيت بل ٽاپ سپلائيز لميٽيڊ وٽ آهي. ڪمپني جي نالي تي 16 ملڪيتون سامهون آيون آهن. منشيات جي اسمگلر آصف حفيظ سرواني ايس اي جي ذريعي 3 ملڪيتون خريد ڪيون.

وڌيڪ پڙهو: