پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحتمند معاشري جي جوڙجڪ لاءِ پوليو کان بچاءَ اڻٽر آهي،
عالمي برادري جي صف ۾ عزت ۽ وقار سان بيهڻ لاءِ به پوليو جو خاتمو ضروري آهي، گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پوليو جو ڪيس ظاهر نه ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي،
پوليو ورڪرز جي اڻٿڪ محنت ۽ قوم جي سهڪار سبب پوليو ڪيسز ۾ گهٽتائي آئي آهي.
پوليو جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ صحتمند معاشري جي جوڙجڪ لاءِ پوليو کان بچاءَ اڻٽر آهي،
عالمي برادري جي صف ۾ عزت ۽ وقار سان بيهڻ لاءِ به پوليو جو خاتمو ضروري آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پوليو جو ڪيس ظاهر نه ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي، پوليو ورڪرز جي اڻٿڪ محنت ۽ قوم جي سهڪار سبب پوليو ڪيسز ۾ گهٽتائي آئي آهي.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته پوليو جو خاتمو شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هيو ، پيپلز پارٽي جا جيالا پنهنجي شهيد قائد جي مشن کي پورو ضرور ڪندا ..