سنڌ

October 9, 2021 4:05 pm

پنو عاقل ويجهو جوابدارن پاران وڊيو رڪارڊ ڪري زيادتي جو شڪار بڻايل ناري جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ

پني عاقل ويجهو جوابدارن پاران وڊيو رڪارڊ ڪري زيادتي جو شڪار بڻايل ناري جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ اڄ اچڻ جو امڪان آهي، پوليس الزام هيٺ آيل کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

بائجي ٿاڻي جي حد ۾ وڊيو رڪارڊ ڪري ناريءَ کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن جي اڄ شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ جا امڪان آهن.

3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ناريءَ سان زيادتيءَ جي مک جوابدارن منير آرائين ۽ ياسر آرائين کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن ڪري وارثن ۾ مايوسي پکڙيل آهي.

جوابدارن جي گهرن آڏو پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: