پاڪستان

تازه خبرون

April 3, 2022 2:54 pm

پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ آئين جي شڪل بگاڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي, مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز

مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ آئين جي شڪل بگاڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز چيو ته چرئي ۽ جنون شخص کي سزا نه ڏني وئي ته ملڪ ۾ جهنگ جو قانون لاڳو ٿي ويندو.

واضح رهي ته حڪومت  قومي اسيمبلي ٽوڙي  نين چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر ملڪ جي اعليٰ عدالت  جي ڪوبه فيصلو حڪومت  جي حڪم کي ختم ڪري سگهي ٿي.

حڪومت جي فيصلي صورتحال کي منجهائي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ٿي ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: