سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مهانگائي سبب ملڪ جون حالتون بدتر آهن، هر نجي ۽ سرڪاري اداري ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا ڪرڻ کي يقيني بڻائينداسين، جيڪو گهٽ پگهار ڏيندو، ان اداري خلاف ايڪشن ورتو ويندو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ماڻهن جي پگهارن ۾ مهانگائي موجب واڌ نه پئي ٿئي، اسان بجيٽ ۾ مهانگائي کي ڏسندي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار رپيا رکي، جنهن تي تنقيد ڪئي وئي، سڀني شين جي اگهن ۾ ٻيڻ کان به وڌيڪ واڌ ٿي آهي.
هن چيو مان ان وقت چيو هو ته اها پگهار به گهٽ آهي، جڏهن ته 25 هزار پگهار تي ڪجهه ماڻهو عدالت ويا، جتي اسان جي حق ۾ فيصلو آيو، عدالت چيو ته گهٽ کان گهٽ پگهار صوبائي معاملو آهي، مڃون ٿا ته اسان جون به ڪجهه خاميون آهن، ڪابينا ۾ مهانگائي جي اثرن ۽ بار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، فيصلو ٿيو آهي ته 25 هزار پگهار جو فيصلو قائم رهندو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان استادن جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽون ورتيون هيون، سنڌ ڪابينا استادن لاءِ ان کان اڳ 55 سيڪڙو پاسنگ مارڪون رکيون هيون، اڄ تعليم واري وزير ڪابينا جي نظرثاني جي درخواست ڪئي.