سنڌ

October 17, 2021 12:50 pm

پنجاب ۾ اٽو 55 ۽ سنڌ ۾ 75 رپيا في ڪلو ڇو وڪرو ٿي رهيو آهي؟ : حليم عادل شيخ

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته اڄ ڪراچي ۾ جلسو ڪندڙ  بلاول زرداري کان سوال پڇڻ چاهي ٿو ته 13سالن ۾ 1400 ارب جي ڪرپشن ڇو ٿي ۽ 8900 ارب ڪٿي خرچ ٿيا؟، پنجاب ۾ اٽو 55 ۽ سنڌ ۾ 75 رپيا في ڪلو ڇو وڪرو ٿي رهيو آهي؟ ، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ 69 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر ڇو آهن؟، اسپتالن ۾ ايمبولينس ڇو ناهن ۽ ٿر ۾ ٻار فوت ڇو ٿي رهيا آهن؟

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته اڄ پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ جلسو ڪري رهي آهي تنهن ڪري هو پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان ڪجهه سوال ڪرڻ چاهي ٿو.

حليم عادل شيخ چيو ته بلاول ٻڌائي ته 13سالن ۾ 1400 ارب جي ڪرپشن ڇو ٿي ۽ 8900 ارب ڪٿي خرچ ٿيا؟، پنجاب ۾ اٽو 55 ۽ سنڌ ۾ 75 رپيا في ڪلو ڇو وڪرو ٿي رهيو آهي؟ ، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ 69 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر ڇو آهن؟، اسپتالن ۾ ايمبولينس ڇو ناهن ۽ ٿر ۾ ٻار فوت ڇو ٿي رهيا آهن؟ ..

وڌيڪ پڙهو: