اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنجاب ۽ سنڌ ۾ڪمند جو هڪجهڙو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته درخواست گذارن کي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته کنڊ جو مسئلو صوبائي معاملو آهي، اسان ڪيس ڇو ٻڌون؟.
درخواست گذارن جي وڪيل استدعا ڪئي ته کنڊ جي قيمتن جي پاليسي بابت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي.
چيف جسٽس ڄاڻايو ته ڪهڙي قانون تحت اسان نوٽيس جاري ڪريون، کنڊ جون قيمتون ڪير مقرر ڪندوآهي؟.
چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد ۾ نه ئي ڪمند جو فصل پوکيو ويندو آهي، نه هتي شگر پرائس ڪمشنر موجود آهي..