لاهور: پنجاب ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي پابندي هٽائڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب پنجاب جي گهرو کاتي وڏي وزير عثمان بوزدار جي منظوري کانپوءِ سرڪيولر ذريعي ڪابينا ميمبرن کي سمري موڪلي هئي.
ذريعن موجب پنجاب حڪومت سمري جي منظوري کانپوءِ هاڻي ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ لاءِ وفاق کي سفارش ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سمري کي گهٽ ۾ گهٽ 18 وزيرن جي حمايت جي ضرورت هئي، گهربل تعداد ۾ وزيرن سرڪيوليشن سمري تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏني. وفاقي حڪومت پنجاب ڪابينا جي تحريري سفارشن کانپوءِ ايندڙ قدم کڻندي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ مملڪتي وزير علي محمد خان جي اڳواڻي ۾ حڪومتي ٽيم مفتي منيب الرحمان ۽ ٻين مذهبي اسڪالرن سان تحريڪ لبيڪ جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون هيون.
پارٽين وچ ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ طئي ٿيل معاهدي جي روشنيءَ ۾ هن وقت تائين ٽي ايل پي جي 2 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽي ايل پي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا ختم ڪري ڇڏيا آهن، پر وزيرآباد ۾ ڪجهه ڪارڪنن جو ارادو به موجود آهي. جيستائين معاهدي تي مڪمل طور تي عمل نه ڪيو وڃي.