پاڪستان

تازه خبرون

October 18, 2021 6:50 pm

پنجاب مان 900 مڻ کنڊ غيرقانوني طور ڪوئٽه منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

خوراڪ کاتي رحيم يار خان مان 900 مڻ کنڊ غيرقانوني طور تي ڪوئٽه منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي. پنجاب حڪومت جو کنڊ جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.

خوراڪ کاتي جي ڊي ڊبليو شوگرمل يونٽ 1 رحيم يار خان کان 900 مڻ کنڊ غيرقانوني طور تي ڪوئٽه منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي. اسپيشل برانچ جي رپورٽ تي خوراڪ کاتي پوليس سان گڏ ڪارروائي ڪئي ۽ ٽرڪ نمبر ٽي ڪي ڪي 686 کي چاچڙان شريف ويجهو ٽول پلازه تي قبضي ۾ ورتو ويو جنهن جي ڊرائيور کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار درائيور کان جاچ جاري آهي.

وڌيڪ پڙهو: