حڪومت ۽ پابندي مڙهيل ٽي ايل پي وچ ۾ معاهدي کان پوءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن تي عمل جي شروعات ٿي وئي آهي. سموري پنجاب ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي گرفتار 860 ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب شيخوپوره جي 50 ڪارڪنن کي ڊسٽرڪٽ جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. ڪارڪنن کي حڪومت ۽ پابندي مڙهيل ٽي ايل پي ۾ ٿيندڙ معاهدي جي تحت آزاد ڪيو ويو. گرفتار ڪارڪنن کي رات جو 2 وڳي آزاد ڪيو ويو.
پنجاب جي گهرو وزارت چيو آهي ته جن ماڻهن جي خلاف ڪيس نه هئا انهن کي آزاد ڪيو ويو آهي جن مٿان ڪيسز آهن انهن کي آزاد نه پيو ڪيو وڃي.