پاڪستان

November 21, 2021 3:38 pm

پنجاب لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ کي اسيمبلي مان جلد منظور ڪرايو وڃي ۽ مڪاني چونڊون جلد ڪرائڻ لاءِ قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي :  وزير اعظم

وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پنجاب لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ کي اسيمبلي مان جلد منظور ڪرايو وڃي ۽ مڪاني چونڊون جلد ڪرائڻ لاءِ قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي.

پنجاب جي مڪاني ادارن جي وزير ميان محمود الرشيد سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته  پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٽاسڪ لاڳاپيل وزير وٽ آهي.

هن چيو ته  پنجاب لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ کي اسيمبلي مان جلد منظور ڪرايو وڃي.

وزير اعظم هدايت ڪئي ته انصاف صحت ڪارڊ ۽ احساس پروگرام بابت تقريبون ڪوٺايون وڃن..

وڌيڪ پڙهو: