پاڪستان

October 28, 2021 2:58 pm

پنجاب حڪومت پاران رينجرز ۽ پوليس کي شرپسندن خلاف جسماني ۽ آتشي هٿيارن جي استعمال جي اجازت

بندش وڌل تنظيم ٽي ايل پي جو احتجاج ستين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو، مارچ ڪندڙ اسلام آباد ڏانهن وڌڻ لڳا.

ذريعن مطابق ڪامونڪي شهر ۽ جي ٽي روڊ تي ڪاروباري مرڪز بند آهي،دوڪانن  ۽ ريسٽورنٽس کي سيل ڪيو ويو آهي.

جي ٽي روڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارا به بند آهن،صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ  شهر ۾ انٽرنيٽ سروس به معطل آهي.

چناب پل ڀرسان جي ٽي روڊ تي خندق کوٽي وئي،ڪنٽينر به رکيا ويا،خندق کوٽڻ سبب وزير آباد ۽ سيالڪوٽ  ۾ زميني رابطو ڪاٽيو ويو.

ٻئي طرف وفاق ۽ پنجاب وچ ۾ رينجرز جي مقرري بابت رولز آف انگيجمينٽ طئي ڪيا ويا آهن.

پنجاب حڪومت گهرو کاتي ذريعي رينجرز ۽ پوليس جي مجموعي مقرري ڪندي.

ذريعن مطابق رينجرز ۽ پوليس کي مناسب جسماني ۽ آتشي هٿيارن جي استعمال جي اجازت هوندي،حملي جي صورت ۾ قاعدن تحت هر ڪو پنهنجي تحفظ جو حق رکي ٿو.

فورسز کي حملي جي نيت سان ڪيل فائر جو جواب ڏيڻ لازمي هوندو آهي،رينجرز ۽ پوليس کي شرپسندن پاران حملي جي صورت ۾ سندن تحفظ مقامي ڪمانڊ جي ذميداري آهي.

ذريعن مطابق ڪمانڊ خطري جي مناسبت سان آتشي هٿيارن جي استعمال جي اجازت ڏئي سگهي ٿي.

وڌيڪ پڙهو: