وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم کي ملندڙ تحفن جا تفصيل ٻڌائڻ بابت مهلت گهري ورتي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته حڪومت ٻين ملڪن کان ملندڙ سوکڙيون ظاهر نه ڪري شرمسار ڇو ٿي رهي آهي؟ پرڏيهه مان ملندڙ سوکڙيون حڪمرانن جون نه پر عوام جون هجن ٿيون.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توشا خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو وري وزيراعظم عمران خان کي ملندڙ سوکڙين جي حوالي سان ٻڌائڻ يا نه ٻڌائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.
عدالت جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو دفاعي تحفو هجي ته بيشڪ نه ٻڌايو، پر هر تحفي کي پبلڪ ڪرڻ تي پابندي ڇو آهي؟
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ هار تحفي ۾ ڏنو ته پبلڪ ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ حڪومت ٻين ملڪن مان ملندڙ سوکڙيون نه ٻڌائي شرمسار ڇو ٿي رهي آهي؟
عدالت چيو ته حڪمرانن کي ملندڙ سوکڙيون انهن جون ناهن پر عوام جون آهن، جيڪڏهن ڪو عوامي عهدو نه هجي ته ڇا عهدن تي ويٺل ماڻهن کي سوکڙيون ملنديون؟
عدالت چيو ته حڪومت ڇو سمورين سوکڙين کي ميوزيم ۾ نٿي رکي؟ ٻين ملڪن ۾ ته اهو ئي ٿيندو آهي، حڪومت کي ته گهرجي ته گذريل 10 سالن جون سوکڙيون پبلڪ ڪري ڇڏي..