سنڌ

October 28, 2021 11:38 am

پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽيون غير فعال ۽ مافيا بي لغام آهن : حليم عادل شيخ

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط لکي پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽين کي فعال بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،

حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو اگهه 1950 رپيا مقرر ٿيل آهي، ان حساب سان اٽي جو في ڪلو 55 رپيا هجڻ گهرجي، پر 70 کان 80 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، عام واهپي واريون شيون به مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهيون آهن، پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽيون غير فعال ۽ مافيا بي لغام آهن..

وڌيڪ پڙهو: