تازه خبرون

رانديون

October 23, 2021 8:04 pm

پاڪ ڀارت مقابلي لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

ICCT T20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت مقابلي لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) مردن جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان ڀارت خلاف اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

بابر اعظم پاران 12 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، جن مان 11 رانديگرن جي چونڊ ميچ کان اڳ ڪئي ويندي.

هي رانديگر ڀارت خلاف قومي ٽيم ۾ شامل ڪيا ويا آهن:

قومي ٽيم ۾ شامل 12 رانديگر:

محمد رضوان ، فخر زمان ، بابر اعظم ، محمد حفيظ ، حيدر علي ، شعيب ملڪ ، آصف علي ، شاداب خان ، عماد وسيم ، حسن علي ، شاهين شاهه آفريدي ، حارث رئوف شامل آهن.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ آچر 24 آڪٽوبر تي پاڪستاني وقت موجب شام 7 وڳي کيڏي ويندي.

واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2021 جو سپر 12 مرحلو اڄ کان شروع ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ اڄ ٻه ميچ کيڏيا ويندا.

وڌيڪ پڙهو: