پاڪ نيوي جي جوانن ترڪي ۾ جاري گهڻ ملڪي مشق ”نصرت“ ۾ شرڪت ڪئي، آذربائيجان، بنگلاديش، بيلجيم، بلغاريه، جرمني ۽ ٻين ملڪن به مشقن ۾ حصو ورتو..
پاڪ نيوي جي ترجمان مطابق مشقن ۾ عراق، ليبيا، عمان، ڪوريا، رومانيا ۽ تنزانيا جي اسپيشل آپريشنز فورسز به حصو ورتو.
ترجمان جي پڌرائي موجب مشقن دوران پاڻيءَ اندر بارودي مواد ناڪارا بڻائڻ ۽ بارودي سرنگهن کي منهن ڏيڻ جا آپريشنز ڪيا ويا.
ترجمان مطابق مشقن جو مقصد اسپيشل آپريشنز فورسز سان گڏ آپريشن جي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ آهي..