پاڪستان

October 6, 2021 5:30 pm

پاڪ فوج ۾ مقرريون ۽ بدليون: ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڪور ڪمانڊر پشاور مقرر

پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ڪور ڪمانڊر پشاور مقرر ڪيو ويو آهي.

فيض حميد کي سال 2019 ۾ انٽر انٽيليجنس(آءِ ايس آءِ) جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو هو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ڪوارٽر ماسٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ هو ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا مقرر هو. ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر کي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا مقرر ڪيو ويو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو تعلق چڪوال سان آهي. فوج ۾ پاس آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ هو بلوچ رجمينٽ جو حصو رهيو. کيس اپريل 2010 ۾ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ۽ جون 2019 ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو هو. هو جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊ جوائنٽ جنرل جي عهدي تي رهي چڪو آهي. ليفٽيننٽ جنرل فيض حمد راولپنڊي ۾ ٽين ڪور جو چيف آف اسٽاف، پنو عاقل ۾ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ۽ آءِ ايس آءِ ۾ ڪائونٽر انٽيليجنس سيڪشن جو ڊي جي به رهي چڪو آهي.

وڌيڪ پڙهو: