ڪاروبار

October 23, 2021 7:15 pm

پاڪستان IMF جون اڪثر شرطون قبول ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: پاڪستان آءِ ايم ايف جون اڪثر شرطون قبول ڪري ورتيون آهن.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان کي قرض پروگرام جي يهر شروعات لاءِ نيون شرطون لاڳو ڪرڻيون پونديون ۽ قرض پروگرام جي ٻيهر بحالي جو حتمي اعلان آءِ ايم ايف بورڊ ڪندو.

ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان ٽيڪس روينيو وڌائڻ ۽ پرائيويٽائيزيشن پروگرام تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻندو جڏهن ته پاور سيڪٽر سڌارن سان لاڳاپيل حالتن تي عملدرآمد کي به يقيني بڻائيندو.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت جي منصوبي کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت کي تجويز ڏني آهي ته هو معاشي هدفن جو جائزو وٺي، جڏهن ته وياج جي شرح وڌائڻ ۽ ڊالر جي مارڪيٽ شرح مقرر ڪري.

ٻئي طرف، ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن ۽ جيئن ئي ڳالهيون مڪمل ٿينديون.

وڌيڪ پڙهو: