بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آھي، جنھن مطابق پاڪستان جي معاشي ترقي ھن مالي سال 4 سيڪڙو رھڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي.
بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) چيو آھي ته پاڪستان جي معاشي واڌ ھن مالي سال 4 سيڪڙو رھڻ جي اميد آھي ، جيڪا گذريل مالي سال جي 3.9 سيڪڙو کان وڌنڌي.
رپورٽ موجب، پاڪستان ۾ افراط زر جي شرح موجوده مالي سال دوران 8.5 سيڪڙو رھڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي.
عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران جاري ڪيل ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ھن مالي سال جي ڊي پي جو 3.1 سيڪڙو ٿي سگھي ٿو ، جيڪو گذريل مالي سال جي 0.6 سيڪڙو کان وڌيڪ آھي.
رپورٽ موجب ، پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح گھٽجڻ جو امڪان آھي هلندڙ مالي سال ۾.پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 4.8 سيڪڙو ھجڻ جي اڪٿي ڪئي وئي آھي.