رانديون

March 4, 2022 11:30 am

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ 24 ورهين بعد کيڏي ويندڙ هوم سيريز جي پهرين ٽِيسٽ ميچ

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ 24 ورهين بعد کيڏي ويندڙ هوم سيريز جي پهرين ٽِيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽڻ بعد چيو ته سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سازگار نظر اچي رهي آهي،جنهن تي وڏو اسڪور ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، آخري ڏينهن ۾ پچ اسپنرز لاءِ سازگار ٿي سگهي ٿي.

پهرين ٽِيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم قيادت بابر اعظم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ امام الحق، عبدالله شفيق، اظهر علي، فواد عالم، محمد رضوان، افتخار احمد، نعمان علي، ساجد علي، نسيم شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهي.

وڌيڪ پڙهو: