پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين ۾ سڌارن ۽ قدمن تي اتفاق ڪيو ويو.
ذريعن موجب ملاقات ۾ مالياتي پاليسين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گڏيل اقتصادي ۽ مالياتي پاليسي جي مسودي کي اڄ حتمي شڪل ڏني ويندي.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جي 9هين ڏينهن ناڻي واري وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف جي مشن چيف جي وفد سان ملاقات ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه چيو ته ڳالهين لاءِ گڏيل اقتصادي ۽ مالياتي پاليسي جو مسودو تيار ڪيو پيو وڃي، ايم اي ايف جي مسودي کي اڄ حتمي شڪل ڏني ويندي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه چيو ته اڄوڪي ڳالهه ٻولهه ۾ مالياتي پاليسين تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڳالهين ۾ سڌارن ۽ قدمن تي اتفاق ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهين جو سڀاڻي آخري ڏينهن آهي.
ان کان اڳ سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وفد جي ڳالهين ۾ ڪيل فيصلن جي وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو پاڪستان جي ضرورت آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هاڻي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌي رهيون آهن.