پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر عابد علي جي دل جي رڳن ۾ ٻيو اسٽنٽ وڌو ويو آهي.
اسپتال جي ذريعن مطابق عابد علي کي ٻه مهينا مڪمل آرام جي هدايت ڪئي وئي آهي،جنهن بعد هو ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ لهي سگهي ٿو.
ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ عابد علي جي دل جي رڳن ۾ گذريل ڏينهن به هڪ اسٽنٽ وڌو ويو هو.
عابد علي پنهنجي هڪ پيغام ۾ صحت بابت مداحن کي اگاهه ڪندي چيو ته الله جو شڪر آهي، هاڻي هو ٺيڪ آهي.
عابد علي دعائون ڪندڙن جو ٿورا مڃيا۽ چيو ته اميد آهي ته کيس وڌيڪ دعائون ڪيون وينديون.
هلندڙ سال عابد علي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۾ 15اننگز ۾ 695رنز اسڪور ڪيون آهن،جنهن ۾ هڪ ڊبل سنچري ، هڪ سنچري ۽ ٻه ففٽيون شامل آهن.