تازه خبرون

رانديون

October 31, 2021 10:29 pm

پاڪستان کان پوءِ ڪيويز به هندستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 اسٽيج جي گروپ 12 جي ميچ ۾ به نيوزيلينڊ ڀارت کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

اڄوڪي ميچ لاءِ نيوزيلينڊ پنهنجي اسڪواڊ ۾ هڪ تبديلي ڪئي جڏهن ته ڀارت ٻه تبديليون ڪيون.

ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 110 رنسون ٺاهيون.

ڀارت طرفان جڊيجا (26) ۽ هاردڪ پانڊيا (23) آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪپتان ڪوهلي بالرن کي تنگ نه ڪري سگهيو ۽ 9 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو.

بيٽنگ کانپوءِ ڀارتي بالر ڪيويز اڳيان بي وس رهيا، نيوزيلينڊ 111 رنسن جو هدف آساني سان 15 هين اوور ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.

وڌيڪ پڙهو: