رانديون

June 9, 2022 3:56 pm

 پاڪستان ون ڊي جي پهرئين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 5 وڪيٽن  جي نقصان  تي شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان ون ڊي جي پهرئين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 5 وڪيٽن  جي نقصان  تي شڪست ڏئي ڇڏي، ڪپتان بابر اعظم، 103 رنز جي اننگز کيڏي  ٽيم کي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ملتان جي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

ويسٽ انڊيز پهريان بيٽنگ ڪندي 50اوورز ۾ 8وڪيٽن جي نقصان تي 305 رنز ٺاهي ورتيون .

ويسٽ انڊيز ٽيم پاران شائي هوپ 127 ۽ شمارها بروڪس 70رنز ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيا.

پاڪستان جو حدف حاصل ڪرڻ لاءِ شروعات سٺي نه هئي، پر ڪپتان بابر اعظم ۽ امام الحق ٽيم کي سنڀالي ٽيم جو اسڪور بهتر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ڪپتان بابر اعظم 103 ۽ امام الحق 65 رنز ٺاهي نمايان رهيا،  خوشدل شاهه 41 رنسون ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته بابر اعظم کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو پر ڪپتان بابر اعظم پنهنجو ايوارڊ خوشدل شاهه کي ڏئي ڇڏيو.

وڌيڪ پڙهو: