تازه خبرون

رانديون

November 11, 2021 10:45 pm

پاڪستان هن وقت تائين ناقابل شڪست رهي آسٽريليا جو قلعو فتح نه ڪري سگهيو، ورلڊ ڪپ مان ٻاهر

آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

آسٽريليا 177 رنسن جو هدف 19 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

ان کان اڳ پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون، محمد رضوان 67 ۽ فخر زمان 55 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا جي ڪپتان آرون فنچ ٽاس کٽي پاڪستان کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.

پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽيم ۾ تبديلي نه ڪئي.

واضح رهي ته پاڪستان يو اي اي ۾ گذريل 16 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ناقابل شڪست آهي پر آءِ سي سي ايونٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان خلاف سمورا 4 ناڪ آئوٽ ميچون کٽيون آهن.

وڌيڪ پڙهو: