پاڪستان آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي گروپ 2 ۾ نميبيا کي 45 رنسن تان شڪست ڏئي موجوده ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي.
واضح رهي ته پاڪستان 5 ڀيرا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچندڙ پهرين ٽيم پڻ بڻجي وئي آهي.
پاڪستان طرفان ڏنل 190 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ نميبيا مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنسون ٺاهيون، ڊيوڊ ويزا 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي شاندار بيٽنگ جي بدولت مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون.
محمد رضوان 79 ۽ بابر اعظم 70 رنسون ٺاهي نمايا رهيا.