تازه خبرون

رانديون

November 22, 2021 4:41 pm

پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ بنگلاديش کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ بنگلاديش کي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست ڏئي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان کي 125 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.

قومي ٽيم ۾ ڊيبيو ڪندي فاسٽ بالر شاهنواز دستي پنهنجي پهرين اوور جي ٽئين بال تي وڪيٽ ورتي.

بالر عثمان قادر ۽ محمد وسيم 2.2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته حارث رئوف ۽ شاهنواز ڏاهاڻي 1.1 وڪيٽون ورتي.

هدف جي جواب ۾ پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 32 رنسن تي ڪري پئي ۽ ڪپتان بابر اعظم 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ رضوان راند کي سنڀاليو ۽ هو 40 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.

پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ميچ آخري بال تي ٿي ۽ انتهائي سنسني واري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي ۽ آخري بال تي محمد نواز چوڪا هڻي ٽيم کي فتح ڏياري.

ان کان اڳ ڍاڪا جي شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش جي ڪپتان محمود الله ٽاس کٽي پاڪستان کي بالنگ جي دعوت ڏني.

شاهنواز دھاني اڄ ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪيو آھي جڏھن ته آل رائونڊر شعيب ملڪ پٽ جي خراب صحت سبب بنگلاديش خلاف ٽئين ٽي ٽوئنٽي تان دستبردار ٿي ويو آھي.

وڌيڪ پڙهو: