پاڪستان

تازه خبرون

November 8, 2021 7:45 pm

پاڪستان حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ مڪمل جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي، فواد چوڌري جو انڪشاف

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ مڪمل جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي.

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين بابت ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم پهرين آڪٽوبر 2021 تي ڏنل انٽرويو ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو.

هن چيو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن ۽ هڪ معاهدي تحت پاڪستان حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان مڪمل جنگ بندي تي راضي ٿي ويا آهن.

فواد چوڌري چيو ته پابندي مڙهيل تحريڪ انصاف سان ڳالهيون پاڪستان جي آئين ۽ قانون تحت ٿينديون، ڪا به حڪومت پاڪستان جي آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڳالهيون نٿي ڪري سگهي.

سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ڳالهين ۾ رياست جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي جو خيال رکيو ويندو، ڳالهين ۾ متاثر علائقن جي ماڻهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهن علائقن جي عوام کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي.

هن چيو ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي کي نظر ۾ رکندي جنگبندي ۾ واڌ ڪئي ويندي.

فواد چوڌري چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت ڳالهين ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو، خوش آئند آهي ته پاڪستان جا اهي علائقا ڊگهي عرصي کانپوءِ مڪمل امن طرف وڌي رهيا آهن.

واضح رهي ته پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان تازو ئي ترڪ ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جا ڪجهه گروپ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا.

وڌيڪ پڙهو: