تازه خبرون

شوبز

October 18, 2021 7:44 pm

پاڪستان جي پهرين خاتون ليفٽيننٽ جنرل سان ماهرا خان جي تصوير وائرل

پاڪستاني خاتون اول ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر سان گڏ مشهور اداڪارا ماهرا خان جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

نگار جوهر جي زندگي تي ٻڌل ٽيلي فلم ”ايڪ هي نگار“ جو آفيشل ٽريلر ڪجهه ڏينهن اڳ رليز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ماهره خان نگار جوهر جي ڪردار ۾ نظر ايندي.

فلم جو ٽريلر پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز (ISPR) پاران 16 آڪٽوبر تي ان جي يوٽيوب چينل تي شيئر ڪيو ويو جنھن ۾ اداڪار بلال اشرف ۽ ٻيا نظر آيا.

ٽيلي فلم ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر کي خراج تحسين پيش ڪيو ، سندس ڪيريئر جي چئلينجن ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪيو.

‘ايڪ هي نگار’ عميرا احمد لکيو آهي ۽ هدايتڪار عدنان سرور آهي.

ٽيلي فلم نينا ڪاشف ۽ ماهرا خان جي پروڊڪشن ڪمپني سلفر فلمز جي بينر هي 23 آڪٽوبر تي نجي ٽي وي تي رليز ڪئي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: