سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ چارجڊ پارڪنگ جي نالي تي شهرين کان ڀتي جي اوڳاڙي کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ جڳهه جڳهه تي قائم چارجڊ پارڪنگ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت لاڳاپيل اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون جي تحت شهرين کان پارڪنگ فيس وصول ڪئي پئي وڃي جنهن تي ڪمشنر آفيس جي نمائندي ٻڌايو ته پارڪنگ فيس وصول ڪرڻ جو ڪوبه قانون نه آهي، صرف روڊن جي مرمت جي لاءِ وصول ڪئي ويندي آهي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڊي ايم سيز، ٽريفڪ، ۽ ٻين کي وڃي ٻڌائي ڇڏيو ته پارڪنگ فيس جي نالي تي شهرين کان ڀتي خوري بند ڪئي وڃي.
جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏنا ته ڪهڙن روڊن جي مرمت ٿي رهي آهي، اوهان شهرن جي روڊن جو حال ڏٺو آهي. عدالت چيو ته اسان کي ڳڻتي آهي ته سڀاڻي گهر جي ٻاهران گاڏي بيهڻ تي به پارڪنگ فيس جي وصولي شروع نه ٿي وڃي. عدالت سڳوري اهو به چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه وقت اڳ روڊ جي هڪ طرف پارڪنگ جي اجازت هئي، هاڻ ٻنهي طرفن کان گاڏيون لڳايون وڃن ٿيون.
جسٽس محمد اقبال ريمارڪس ڏنا ته عزتدار ماڻهو پنهنجي عزت بچائڻ جي لاءِ 20-30 روپيه ڏئي جان ڇڏائيندا آهن. هي ڇا ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پارڪنگ جي لاءِ مقرر جڳهه تي بورڊ ڇو نٿا لڳايا وڃن. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي جي روڊن تي پارڪنگ جي لاءِ ٺيڪا ڏنا ويا آهن جنهن تي عدالت چيو ته اسان هرقسم جي ڪارروائي ڪنداسين. پارڪنگ فيس جي نالي تي ڀتو وٺڻ نه ڏينداسين.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سموري شهر جي ڊي ايم سيز، ڪمشنر ڪراچي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پوليس ۽ ٻين ادارن کان چارجڊ پارڪنگ جي حوالي سان 29 آڪٽوبر تي تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو.