پاڪستان

October 29, 2021 11:49 am

پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر پيپلز پارٽي ئي عوام جو حقيقي آواز آهي

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر پيپلز پارٽي ئي عوام جو حقيقي آواز آهي،

اڄ پيپلز پارٽي سموري ملڪ ۾ مهانگائي، بک، بدحالي ۽ حڪومت جي نااهلي خلاف احتجاج ڪري رهي آهي.

سوشل ميڊيا تي  ٽوئيٽ ڪندي پ پ اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو ته موجودهه نااهل سرڪار جي خلاف هاڻ رستن تي نڪرڻ جو وقت آهي.

هن چيو ته عوام بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏئي،موجودهه نااهل ۽ ناڪام حڪومت خلاف ٻاهر نڪري.

واضح رهي ته پي ڊي ايم کانپوءِ پيپلز پارٽي مهانگائي  جي خلاف  احتجاج جو سڏ ڏنو آهي…

وڌيڪ پڙهو: