پاڪستان

تازه خبرون

November 9, 2021 4:22 pm

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس يارنهن نومبر تي طلب ڪرڻ جو فيصلو

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ سمري صدر عارف علوي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. گڏيل اجلاس گهرائڻ بابت حتمي صلاح مشورا به ڪيا ويا.

پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪلڀوشن ياديو ڪيس، چونڊ اصلاحن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سميت تاريخي قانون سازي ڪئي پئي وڃي.

وڌيڪ پڙهو: