پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس: حڪومت جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال لاءِ ترميمي بل منظور ڪري ورتو.
پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ اليڪشن ايڪٽ ٻي ترميمي بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو.
پارليامينٽ حڪومتي چونڊ ترميمي بل 2021 منظور ڪري ورتو، ان سان گڏوگڏ اوورسيز پاڪستانين کي انٽرنيٽ ذريعي ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال جي منظوري ڏني وئي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي عالمي عدالت انصاف جي نظرثاني بل 2021 تي ٻيهر غور ڪرڻ جو به چيو ويو.
حڪومتي بل جي منظوري کانپوءِ ايوان ۾ ”پاڪستان ڪير بچائيندو عمران خان عمران خان“ جا نعرا هنيا ويا، جڏهن ته مخالف ڌر ايوان ۾ ورهاڱي جو مطالبو ڪيو.
ٻئي طرف حڪومتي بل جي منظوري تي وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي ڇڏيون، جڏهن ته حڪومتي بل جي منظوري کانپوءِ مخالف ڌر واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته جڏهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس شروع ٿيو ته پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بل کي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن کي اسپيڪر منظور پڻ ڪيو هو.