پاڪستان

تازه خبرون

October 28, 2021 9:32 pm

پابندي مڙهيل پارٽي جيسيتائين رستا صاف نه ڪندي ڳالهيون نه ٿينديون: فواد چوڌري

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيستائين پابندي مڙهيل جماعتون روڊ خالي نه ڪنديون ڳالهيون نه ٿينديون.

پنهنجي هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته جيستائين پوليس کي شهيد ڪندڙ ڏوهارين کي ادارن جي حوالي نه ڪيو ويندو، تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون.

هن چيو ته محب وطن ماڻهن کي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽڻ گهرجي ۽ محب وطن رياست خلاف دهشتگردي جو حصو نه بڻجڻ گهرجي.

ٻئي پاسي وزيراعظم ڪالعدم جماعت جي غير قانوني سرگرمين سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.

وڌيڪ پڙهو: