پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ جو مارچ مريدڪي ۾ 3 ڏينهن ترسڻ کان پوءِ اسلام آباد طرف روانو ٿي ويو آهي. مارچ ۾ هزارين ڪارڪن شريڪ آهن جڏهن ته مريدڪي کان اڳيان پوليس جي وڏي نفري به موجود آهي.
اسلام آباد طرف ويندڙ جي ٽي روڊ جي ڪيترن ئي هنڌن تي ڪنٽينرز لڳايا ويا آهن. چناب درياءَ کان اڳ روڊ تي خندقون کوٽيون ويون آهن. راولپنڊي پوليس مري روڊ کي هر طرح جي ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي.
اهم روڊ سيل ٿيڻ سبب معمول واري زندگي سخت متاثر ٿيڻ لڳي ۽ شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مري روڊ ۽ لاڳاپيل روڊن جا سمورا تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري مرڪز به بند ڪيا ويا آهن. مري روڊ تي پبلڪ ٽرانسپورٽ، بينڪ ۽ ٻيون آفيسون به بند آهن.
ان حوالي سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ٽي ايل پي پاران ڪيل فرانس جي سفير جي ملڪ بدري وارو مطالبو منظور نٿا ڪري سگهون. باقي سمورا مطالبا مڃيا ويا آهن.