وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل قومي سلامتي جي اهم اجلاس بعد وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهين جا دروازا بند ناهن ٿيا ،
رياست جي رٽ هر حال ۾ قائم رهندي ، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته خواهش آهي ته معاملا خير سان حل ٿي وڃن ،
حڪومت کي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻو آهي ، شيخ رشيد چيو ته مذهبي معاملن وارو وزير نورالحق قادري ۽ آئون ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪنداسين..