پيپلز پارٽي پابندي مڙهيل تنظيم سان ڪيل معاهدي کي فوري طور منظر عام تي آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت رات جي اونداهيءَ ۾ ڪيل معاهدن کان پارليامينٽ ۽ قوم کي آگاهه ڪري، عوام ڄاڻڻ چاهي ٿو ته زندگيءَ جو نظام معطل رکندڙ ۽ جاني توڙي مالي نقصان ڪندڙ پابندي مڙهيل تنظيم سان ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي.
هن چيو ته هزاره برادري لاشن سوڌو ڌرڻو هنيو ته عمران خان چيو ته بليڪ ميل نه ٿيندس، هتي ته سڄي رياست ئي ڍير ٿي وئي.
مصطفيٰ نواز کوکر وڌيڪ چيو ته ٻڌايو وڃي ته پنجاب پوليس جي اهلڪارن جون شهادتون بنا ڪنهن ڪارڻ جي هيون؟ ۽ ڇا انهن جوابدارن کي انجام تائين پهچايو ويندو يا نه؟..